واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)جو بائيڊن انتظاميا جي اعليٰ عملدارن قطر ۾ افغان طالبان جي اهم اڳواڻ سان ملاقات ڪئي آهي.آمريڪي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته القاعده جي سربراهه ايمن الظواهري جي مارجڻ کانپوءِ اعليٰ آمريڪي عملدارن پهريون ڀيرو طالبان سان ملاقات ڪئي آهي.آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته بائيڊن انتظاميا جي اعليٰ عملدارن قطر جي راڄڌاني دوحه ۾ طالبان وفد سان ملاقات ڪئي.ميڊيا رپورٽ موجب سي آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي عملدارن دوحه ۾ طالبان وفد سان ملاقات ڪئي.آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي عملدارن ۽ طالبان وفد جي وچ ۾ ملاقات ڇنڇر ڏينهن دوحه ۾ ٿي.ياد رهي ته افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد هڪ بيان ۾ چيو هو ته آمريڪا کي موجوده افغان حڪومت سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن، افغانستان ۾ طاقت جو استعمال ڪامياب نه ٿيو آهي.ذبيح الله مجاهد چيو ته آمريڪا جيڪڏهن خطي ۾ پنهنجي مفادن لاءِ استحڪام چاهي ٿو ته افغان حڪومت سان هاڪاري لاڳاپا قائم ڪري.










