بئنڪ ڌاڙو ناڪام، هڪ ڦورو قتل، ٻيو گرفتار 2 فرار

بئنڪ ڌاڙو ناڪام، هڪ ڦورو قتل، ٻيو گرفتار 2 فرار

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار)پوليس ڪورنگي جي هڪ بينڪ ۾ ڌاڙي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڌاڙي دوران مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، ايس ايس پي ڪورنگي شاهه جهان خان جو چوڻ آهي ته ڪورنگي جي علائقي ۾ قائم هڪ بينڪ ۾ 4 ڦورو داخل ٿيا، جنهن جي اطلاع تي پوليس پهتي ته مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ٻه ڄڻا فرار ٿي ويا، هن جو چوڻ آهي ته بينڪ ۾ ڌاڙي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي جوابدارن جون موٽر سائيڪلون ۽ هٿيار تحويل ۾ ورتا ويا آهن، جڏهن ته فرار ٿيل ڦورن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو