بئنڪ وين مان نامعلوم ڦورن جي 5 ڪروڙ روپين جي ڦر

بئنڪ وين مان نامعلوم ڦورن جي 5 ڪروڙ روپين جي ڦر

سکر (جئيرام داس ) سکر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن بينڪن کي رقم پهچائيندڙ سيڪيورٽي جي گاڏي مان مبينا طور 5 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرر ٿي ويا.سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد سبزي منڊي ويجهو 11 کان وڌيڪ هٿياربندن عملي کي يرغمال بڻائي رقم ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.ڊي آءِ جي سکر طارق عباس قريشي، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ پوليس جي ٽيم سان واقعي واري هنڌ پهچي نائيٽ شفٽ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊن سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو جن ۾ عبدالستار، چوڪيدار محمد عرس، عنايت الله مهر شامل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي جي بيٺل گاڏي مان هٿياربندن گاڏي جا لاڪ ٽوڙي رقم چوري ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، هٿياربند عملي کي يرغمال بڻائڻ بعد 5 رپيٽر، 6 پسٽل 30 بور ۽ 5 موبائيل فون به ڦري ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو