اڳوڻي چيئرمين نيب آفتاب سلطان جي استعيفيٰ جو نوٽيفڪيشن جاري

اڳوڻي چيئرمين نيب آفتاب سلطان جي استعيفيٰ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو (نيب) جي اڳوڻي چيئرمين آفتاب سلطان جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.قانون واري وزارت وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.نوٽيفڪيشن موجب آفتاب سلطان جي استعيفيٰ 15 فيبروري کان قبول ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته آفتاب سلطان نيب هيڊڪوارٽر ۾ پنهنجي الوداعي خطاب ۾ چيو ته مان ڪنهن تي ڪوڙو ڪيس داخل نٿو ڪري سگهان ۽ نه ئي ڪنهن خلاف ريفرنس بند ڪري سگهان ٿو صرف ان بنياد تي ته جوابدار ڪنهن وڏي شخصيت جو مائٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو