اڳوڻي يوسي ناظم جي گهر مان 17 لکن جو ڌاڙو

اڳوڻي يوسي ناظم جي گهر مان 17 لکن جو ڌاڙو

خيرپورناٿن شاهه(ن سنڌيار)خيرپور ناٿن شاهه ويجھو ڳوٺ جمعو لاکير ۾ پنج ھٿياربندن اڳوڻي يوسي ناظم ۽ سياسي شخصيت عابد لاکير جي گھر ۾ داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گھرڀاتين کي يرغمال بڻائڻ بعد ٻہ لک روپيا روڪ رقم، پندرنھن لکن جا سونا زيور ۽ موبائل فون کڻي ويا.پوليس اطلاع ڪرڻ باوجود ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد پھتي، جڏھن تہ ايس ايس پي اعجاز شيخ واقعي واري جاءِ تي پھچي متاثر خاندان کان واقعي جا تفصيل ورتا ۽ کين انصاف جي خاطري ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو