اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف ڪراچي ۾ ڪيس داخل

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي خلاف نازيبا زبان استعمال ڪرڻ تي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف ڪراچي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب شيخ رشيد جي خلاف ڪراچي جي موچڪو ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. شيخ رشيد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ ايف آءِ آر کي سيل ڪيو ويو آهي.شيخ رشيد خلاف ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته شيخ رشيد پولي ڪلينڪ اسپتال جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خلاف نازيبا زبان استعمال جنهن سبب عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي. شيخ رشيد جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پوليس جي ٽيم اسلام آباد پهچي وئي آهي. موچڪو ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ ڊي پي او شيخ رشيد کي وٺڻ جي لاءِ اسلام آباد پهتا آهن. پوليس ذريعن موجب اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي اڄ ئي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو