لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير خسرو بختيار پاڪستان تحريڪ انصاف کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو.پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ اڳوڻي وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته هڪ سال اڳ پارٽي جي اعليٰ قيادت کي چيو هو ته ادارن تي حملو ڪرڻ نقصانڪار ٿيندو.هن چيو ته هن سال اڳ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي ميمبرشپ ۽ ڏکڻ پنجاب جي چيئرمين شپ ڇڏي ڏني هئي.خسرو بختيار چيو ته 9 مئي جي دل ڏاريندڙ واقعن مون کي پي ٽي آءِ جي فلسفي کان پري ٿيڻ تي مجبور ڪيو.منهنجو 25 سالن جو تجربو، مڪاني، صوبائي ۽ قومي منصوبن جي فرضن کي پورو ڪرڻ وارو، هاڻي تحريڪ انصاف جي سياسي فلسفي سان وڌيڪ نه هلندي سگهندس،هن چيو ته مون کي يقين آهي ته پاڪستان جو مستقبل ورهائڻ ۽ ٽڪراءَ جي سياست ۾ نه ٿيندي.










