اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي وفاقي وزير انور سيف الله خان جي سزا کي رد ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي بريت واري فيصلي کي بحال ڪري ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 13 جون 2002ع جي بريت واري فيصلي کي بحال ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڳوڻي وفاقي وزير انور سيف الله جي سزا خلاف نظرثاني درخواست منظور ڪري ورتي آهي.
عدالت چيو آهي ته گذريل ڪنهن ڪم لاءِ بعد جي قانون تحت وڌيڪ سزا نٿي ڏئي سگهجي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته انور سيف الله تي 1996 جي الزامن تحت 1999 جي نيب آرڊيننس جو اطلاق غلط هو.
سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پراسيڪيوٽر رشوت يا قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جا ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، صرف انتظامي بي ضابطگي مجرمانه بدديانتي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي، ۽ اهو عدالت جو فرض آهي ته جائزو ۾ رڪارڊ تي واضح غلطي کي درست ڪري.
واضح رهي ته انور سيف الله خان تي 1996 ۾ پيٽروليم جي وفاقي وزير جي حيثيت سان او جي ڊي سي ايل ۾ غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ جو الزام هو.










