اسلام آباد(بيو رو رپورٽ) اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي والده علالت سبب لاڏاڻو ڪري وئي هن جي عمر سئو ورهيه هئي.اي پي ايم ايل موجب پارٽي سربراهه ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي والده دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. پرويز مشرف بيمار آهي، ان لاءِ ان جو پاڪستان اچڻ مشڪل آهي.پارٽي جي اهم اڳواڻ جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته ان جي والده جي تدفين دبئي ۾ ئي ٿئي، جڏهن ته پاڪستان ميت آڻڻ لاءِ فيصلو پرويز مشرف ئي ڪندو.










