اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. وفاقي دارالحڪومت جي عدالت ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ جسٽس عامر فاروق تي مشتمل 2 رڪني بينچ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور جي ضمانت بعد گرفتاري واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته نيب طرفان پراسڪيوٽر جنرل جهانزيب ڀروانه ۽ ڊپٽي پراسڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران آصف زرداري جي وڪيل کان علاوهه پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به موجود هيو. عدالت ۾ ٻڌڻي جي شروعات ۾ آصف زرداري جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن تي عدالت پڇيو ته ڇا نيب رپورٽ ڏٺي آهي ۽ ان سان گڏ چيف جسٽس نيب پراسڪيوٽر کي ميڊيڪل رپورٽ وڏي آواز ۾ پڙهڻ جي هدايت ڪئي. جنهن تي نيب پراسڪيوٽر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ميڊيڪل رپورٽ پڙهڻ شروع ڪئي. نيب پراسڪيوٽر چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙيو آهي ميڊيڪل بورڊ آصف زرداري جو تفصيلي معائنو ڪيو آهي. عدالت ۾ پيش ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آصف زرداري مختلف قسم جي بيمارين ۾ مبتلا آهي ۽ ان کي دل جي تڪليف به آهي. ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جوابدار گهڻي عرصي کان شوگر جو مريض آهي جڏهن ته ان کي 3 اسٽنٽ به وڌا ويا آهن. ان تي چيف جسٽس پڇيو ته ڇا هن رپورٽ کان پوءِ جوابدار کي ان ئي اسپتال ۾ رکيو ويندو، سندس قومي خزاني مان علاج ڇو ٿو ڪرايو وڃي. عدالت نيب پراسڪيوٽر ۽ آصف زرداري جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد هڪ هڪ ڪروڙ رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي. جڏهن ته فريال ٽالپر جي ضمانت واري درخواست تي نيب جو جواب نه اچڻ ڪري ان تي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ضمانت کان پوءِ گرفتاري جي معاملي تي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس پمز جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ ميڊيڪل بورڊ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ۾ عدالت ۾ اڳوني صدر طرفان پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ معرفت عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ۽ پارڪ لين ڪيسن ۾ ضمانت بعد گرفتاري جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي. آصف زرداري طرفان طبي بنيادن تي ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست ۾ قومي احتساب بيورو ۽ احتساب عدالت نمبر 2 کي ڌر بڻايو ويو هو. آصف زردري پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته ان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته ان مٿان ٺاهيل ڪيس جعلي ۽ من گهڙت آهن. درخواست ۾ چيو ويو ته آصف علي زرداري دل جو مريض آهي ۽ ان جي سيني سان هولٽر مانيٽر به لڳل آهي ته جيئن ڊاڪٽر ان جي ڌڙڪن کي مانيٽر ڪري سگهن. ان سان گڏ آصف زرداري اهو موقف به اختيار ڪيو هو ته هو ذيابيطس جو مريض آهي ۽ ان جو شوگر ليول هيٺ مٿي ٿيندو رهي ٿو جيڪو خطرناڪ حد تائين پهچي وڃي ٿو جنهن جي نگراني جي ضرورت آهي. ان کان علاوهه درخواست ۾ چيو ويو ته درخواست گذار کي گهڻيون بيماريون آهن جنهن جي ڪري ان جي علاج لاءِ طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو