اڳوڻي صدر آصف زرداري جي انجيو پلاسٽي ٿيڻ جو امڪان

اڳوڻي صدر آصف زرداري جي انجيو پلاسٽي ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نجي اسپتال ۾ انجيو پلاسٽي ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ضمات تي آزاد ٿيندڙ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ڪالهه ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ طبئي معائنو ڪيو ويو. آصف علي زرداري ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل آهي جتي ڊاڪٽر نديم قمر جي سربراهي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم ان جي طبيعت کي مسلسل مانيٽر ڪري رهيا آهن. وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ۽ وزير صحت عذره پيچوهو ميڊيڪل بورڊ سان رابطي ۾ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري جي طبيعت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ هو پاڻ گهڻي عرصي کان پوءِ گهر ۾ آرام ڪرڻ سان طبيعت ۾ بهتري محسوس ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽرن جي ٽيم اڄ به ان جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو ۽ ان جا ضروري ٽيسٽ ورتا جڏهن ته انجيو پلاسٽي لاءِ ڊاڪٽرن جي مشاورت جاري آهي. واضح رهي ته آصف زرداري ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد جمعي تي ڪراچي پهتو هو ۽ ڇنڇر تي ان کي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو