ميرظفرالله جمالي جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

ميرظفرالله جمالي جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جمالي جي جنازي نمازي ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ متءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ اهم شخصيتن ۽ علائقي جي معززين شرڪت ڪئي. سندس مڙهه خصوصي جهاز ذريعي سندس اباڻي علائقي ڊيرا مراد جمالي پهچايو ويو آهي. جتي اڄ جنازي نماز بعد سندس تدفين ڪئي وئي. هو راولپنڊي جي فوجي دل جي اسپتال ۾ گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو هو. هو مئي ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيو هو، گردن جو به مريض هو  پر ڊاڪٽرن موجب وفات دل بيهڻ سبب ٿي. سندس ڏوهٽيءَ ثناءَ جماليءَ سندس وفات جي تصديق ڪئي آهي. مير ظفرالله جمالي جي ميت سندس اباڻي علائقي ڊيرامراد جمالي يعني جهٽ پٽ يا روجهاڻ جمالي منتقل ڪيو پيو وڃي جتي اڄ خميس تي جنازي نماز بعد تدفين ٿيندي. هن 1970 ۾ سياسي سفر شروع ڪيو، 2 ڀيرا سينيٽر به رهيو ۽ 15 هون وزيراعظم رهيو. هو جوڻيجو حڪومت ۾ وزير به رهيو هو. صدر، وزيراعظم، آرمي چيف، اسپيڪر، چيئرمين سينيٽ، سياسي پارٽين جي سربراهن سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. مرحوم جي عمر 76 سال هئي. 3 ڏينهن اڳ صدر عارف علوي سندس وفات جي ٽوئيٽ ڪئي هئي پر هو ان وقت جيئرو هو ۽ کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو