اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر ايف آئي اي طلب

اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر ايف آئي اي طلب

پشاور(ويب ڊيسڪ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پابندي مڙهيل پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي جاچ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر کي طلب ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي پشاور جي انڪوائري آفيسر اسد قيصر کي 11 آگسٽ تي ايف آءِ اي خيبرپختونخواهه جي آفيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ چيو آهي.اسد قيصر کي موڪليل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اڪبر ايس بابر ڪيس جي فيصلي موجب سندس ٻه بئنڪ اڪائونٽس آهن، اسد قيصر 2 بئنڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ هلائڻ ۾ ملوث آهي، ان ڪري اسد قيصر ذاتي حيثيت ۾ جاچ ٽيم آڏو پيش ٿئي. ۽ بئنڪ اڪائونٽس بابت سوالن جا جواب ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو