عالمي فٽبال ڪپ جو فائينل، اسپين ۽ ارجنٽائن ۾ آچر تي کيڏيو ويندو

عالمي فٽبال ڪپ جو فائينل، اسپين ۽ ارجنٽائن ۾ آچر تي کيڏيو ويندو

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)ورلڊ ڪپ هڪ ڀيرو ٻيهر سنسني، دلچسپ مقابلن ۽ يادگار لمحن سان ڀرپور ثابت ٿي رهيو آهي، ۽ هاڻي ٽورنامينٽ ۾ 48 مان رڳو 2 ٽيمون رهجي ويون آهن، اسپين فرانس کي هارائي فائينل ۾ پهتي ۽ ارجنٽائين جي ٽيم انگلينڊ کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان هارائي لڳاتار ٻيو ڀيرو فائنل ۾ پهتي آهي. ٻنهي ۾ فائنل آچر تي نيو جرسي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. هتي ورلڊ ڪپ جي آخري چار ٽيمُن بابت مڪمل جائزو پيش آهي.
امباپي ۽ يامال جو ٽڪر
يورپ جون ٻه وڏيون قوتون آمهون سامهون، فرانس بمقابله اسپين جو آمريڪا جي ڊيلاس اسٽيڊيم ۾ اڱاري رات 12 وڳي پاڪستاني وقت موجب ميچ کيڏيو ويندو.
ڇا ڏسڻ جهڙو هوندو؟
يورپ جي ٻن مضبوط ترين ٽيمن جي وچ ۾ ٿيندڙ هي مقابلو ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي يادگار ميچن مان هڪ بڻجي سگهي ٿو.
فرانس جي اسٽار فارورڊ ڪيلين امباپي هڪ ڀيرو ٻيهر مرڪزِ توجهه بڻجي ويو، جڏهن فرانس مراڪش کي 2-0 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهتو. امباپي هن ٽورنامينٽ ۾ هينئر تائين اٺ گول ڪري چڪو آهي ۽ ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ ليونل ميسي کان صرف هڪ گول پوئتي آهي.
پر فرانس جي اصل طاقت رڳو امباپي ناهي، پر سڄي ٽيم جي معيار ۾ آهي. عثمان ڊيمبيلي ڪوارٽر فائنل ۾ فتح کي يقيني بڻائيندڙ گول ڪيو ۽ سندس ٽورنامينٽ ۾ گولن جو انگ پنج ٿي ويو آهي.
ساڳئي وقت مائيڪل اوليسي پنهنجي تخليقي راند سان ڪوچ ديديئر ديشان جي ٽيم لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو هينئر تائين پنج گولن ۾ مدد ڏئي مقابلي ۾ سڀني کان اڳتي آهي.
فرانس جي اها مضبوط ٽيم آهي، ٻه ڀيرا عالمي چيمپيئن بڻجندڙ هن ٽيم لاءِ، اسپين خلاف وڏو هٿيار ثابت ٿي سگهي ٿي. ياد رهي ته اسپين 2024ع جي يورپي چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ۾ فرانس کي 2-1 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽيو هو.
اسپين بابت اهو تاثر موجود آهي ته ٽورنامينٽ ۾ سندس بهترين راند اڃا اچڻي آهي. ٽيم جو سڀ کان وڏو اسٽار لامين يامال اڃا تائين هن ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي حقيقي صلاحيتن جو مڪمل مظاهرو نه ڪري سگهيو آهي. بارسلونا جي هن نوجوان رانديگر هينئر تائين رڳو هڪ گول ڪيو آهي، جيڪو گروپ مرحلي ۾ سعودي عرب خلاف هو.
ٻئي طرف ميڪل اويارزابال، جنهن ٽورنامينٽ ۾ چار گول ڪيا آهن، گذريل ٻن ميچن ۾ گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. نتيجي طور ڪوچ لوئس ڊي لا فوئنٽي جي ٽيم کي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پرتگال ۽ بيلجيم خلاف فتح لاءِ متبادل رانديگر ميڪل ميرينو جي دير سان ڪيل فيصلائتي گولن تي ڀاڙڻو پيو.
اسپين، جيڪو 2010ع کانپوءِ پنهنجي ٻئي عالمي لقب جي ڳولا ۾ آهي، اميد رکندو ته 19هين سالگرهه کان هڪ ڏينهن اڳ سيمي فائنل کيڏندڙ يامال اهڙي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو، جيڪا سندس غيرمعمولي صلاحيتن سان انصاف ڪري.
اهم انگ اکر
فرانس پنهنجي تاريخ ۾ اٺون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ کيڏندو، جنهن سان هو برازيل جي برابر ٿي ويندو. رڳو جرمني 12 ڀيرا سيمي فائنل کيڏي هنن کان اڳتي آهي.
اسپين پنهنجي تاريخ جي سڀ کان ڊگهي ناقابلِ شڪست سلسلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. مارچ 2024ع ۾ ڪولمبيا کان 1-0 جي شڪست کانپوءِ اسپين لڳاتار 36 ميچن ۾ هار نه کاڌي آهي. ان عرصي دوران هن 27 ميچون کٽيون ۽ 9 برابر ڪيون آهن.
ورلڊ ڪپ ۾ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ هي رڳو ٻيو مقابلو هوندو. آخري ڀيرو 2006ع ۾ پري ڪوارٽر فائنل (رائونڊ آف 16) ۾ فرانس هڪ گول جي خساري مان واپسي ڪندي اسپين کي 3-1 تان شڪست ڏني هئي.
هاڻي مقابلو صرف ٽيڪنڪ ۽ حڪمت عملي جو نه، پر ٻن يورپي وڏين طاقتن جي وقار جو به هوندو.
پراڻي دشمني ٻيهر تازي، انگلينڊ ۽ ارجنٽائن آمهون سامهون
ائٽلانٽا اسٽيڊيم ۾ اربع رات پاڪستاني وقت موجب 12 هين وڳي هي اهم ميچ کيڏي ويندي.
ڇا ڏسڻ جهڙو هوندو؟
2018ع کان پوءِ هي انگلينڊ جو ٻيو ورلڊ ڪپ سيمي فائنل هوندو، پر دفاعي چيمپيئن ارجنٽائن، ٿري لائنز جي 60 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي.
هي مقابلو جذبي، تاريخي رقابت ۽ دٻاءَ سان ڀرپور هوندو. هن مقابلي کي 40 سال اڳ ميڪسيڪو ۾ ٿيل ان تاريخي ڪوارٽر فائنل جي ياد به تازي ڪري ٿو، جڏهن ڊيگو ميراڊونا پنهنجي غيرمعمولي ڪارڪردگي سان تقريباً اڪيلي سر انگلينڊ کي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو.
هاڻي ارجنٽائن وٽ هڪ ٻيو عظيم نمبر 10 موجود آهي ــ ليونل ميسي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ميسي هن کان اڳ ڪڏهن به انگلينڊ خلاف نه کيڏيو آهي، ۽ ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل کان وڌيڪ وڏو موقعو شايد ٻيو ڪو نه هجي.
هن ٽورنامينٽ دوران ميسي ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي. هو گولڊن بوٽ جي ڊوڙ ۾ فرانس جي ڪيلين امباپي سان گڏيل طور اڳتي آهي، ۽ ٻنهي رانديگرن جا اٺ، اٺ گول آهن.
پر انگلينڊ وٽ به پنهنجو اسٽار نمبر 10، جوڊ بيلنگهيم موجود آهي، جنهن لڳاتار ٻن ناڪ آئوٽ ميچن ۾ ٻه، ٻه گول ڪيا آهن. 1986ع ۾ ميراڊونا کانپوءِ اهڙو ڪارنامو انجام ڏيندڙ هو پهريون رانديگر آهي. ٻئي طرف ڪپتان هيري ڪين به هن اونهاري جي ٽورنامينٽ ۾ ڇهه گول ڪري پنهنجي ساٿي جي برابر بيٺو آهي.
حقيقت اها آهي ته هن ورلڊ ڪپ ۾ نه انگلينڊ ۽ نه ئي ارجنٽائن پنهنجي بهترين ۽ راند پيش ڪري سگهيا آهن. ٻنهي ٽيمن سخت مقابلي ۽ جدوجهد کان پوءِ ناڪ آئوٽ مرحلو پار ڪري سيمي فائنل تائين رسائي حاصل ڪئي آهي.
تنهن ڪري اربع جو هي مقابلو به جذبي، عزم ۽ اعصاب جي جنگ بڻجي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ انگلينڊ جي ڪوچ ٿامس ٽوخل پنهنجي ٽيم کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ناروي خلاف ڪوارٽر فائنل واري ڪارڪردگي کان وڌيڪ معياري راند پيش ڪري.
اهم انگ اکر
2018ع کان وٺي انگلينڊ چار وڏن عالمي ٽورنامينٽن جي سيمي فائنل تائين پهتو آهي، جيڪو ان جي 2018ع کان اڳ واري سموري تاريخ جي برابر آهي.
ٿري لائنز هن ورلڊ ڪپ ۾ لڳاتار چار ميچون کٽي چڪو آهي، جيڪو هڪ ئي ورلڊ ڪپ ايڊيشن ۾ سندس سڀ کان ڊگهو فاتحاڻو سلسلو آهي. آخري ڀيرو اهڙو ڪارنامو 1966ع ۾ ٿيو هو.
ٿامس ٽوخل انگلينڊ جو صرف ٻيو ڪوچ آهي، جيڪو پنهنجي پهرين ڇهن ورلڊ ڪپ ميچن ۾ ناقابلِ شڪست رهيو آهي. ان کان اڳ 1966ع ۾ الف ريمزي به پهرين ڇهن ميچن ۾ پنج فتحون ۽ هڪ برابري جو ساڳيو رڪارڊ قائم ڪيو هو.
ارجنٽائن گذريل چئن ورلڊ ڪپ ايڊيشنن مان ٽن (2014ع، 2022ع ۽ 2026ع) ۾ سيمي فائنل تائين پهتو آهي. جڏهن ته 2014ع کان اڳ هو 1990ع کان پوءِ ڪڏهن به آخري چئن ٽيمن ۾ شامل نه ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو