اڪيلو استاد به بدلي، تعليم دربدر، شاگردن جو احتجاج

اڪيلو استاد به بدلي، تعليم دربدر، شاگردن جو احتجاج

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )ڳوٺ چوڻهار جي گورنمينٽ ايليمنٽري اسڪول مان استاد کي بدلي ڪرڻ توڙي سهوليتون نه هجڻ خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،اُنهي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن اسماعيل سميجو،منور علي،شاگردن ديدر ڀيل،اشوڪ،يامين مڪواڻو،حمزو،غازي سميجو واشديو ۽ ٻين پاران پريس  ڪلب تائين ريلي ڪڍي،شاگردن ۽ ڳوٺاڻن چيو ته اسڪول ۾ مقرر استاد کي بدلي ڪيو ويو آهي،جنهن سبب 2 سئو شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي ۽ اسڪول ۾ ڪي به سهوليتون نه آهن،اسڪول ۾ فرنيچر،پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ڪابه سهولت ناهي،ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائن ٿا،اسڪول ۾ مقرر هڪ استاد هو،جنهن کي بدلي ڪيو ويو آهي، تعليم کاتي آفيسرن کي ڪافي شڪايتون ڏنيون پر ڪير به دانهن نٿو ٻُڌي،اسان تعليم کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي اسڪول ۾ استاد کي واپس مقرر ڪري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو