لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪاره لائبه خان، جنهن تازو شادي ڪئي آهي، انڪشاف ڪيو آهي ته گهڻيون اداڪارائون پنهنجي شادين ۾ ڪرائي تي ورتل ڪپڙا ۽ زيور پائينديون آهن.لائبه خان گذريل مهيني شادي ڪئي هئي، پر شادي کان اڳ ڏنل انٽرويو جا مختصر وڊيو ڪلپس هاڻي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ هڪ وڊيو ڪلپ ۾، اداڪاره وڌندڙ مهانگائي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اڄڪلهه مهانگا شادي جا ڪپڙا خريد ڪرڻ جو رجحان ختم ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته توهان کي اهي صرف هڪ ڀيرو پائڻا پوندا آهن، جنهن کان پوءِ ڪنهن ٻئي جي شادي ۾ دلہن جي حيثيت سان وڃڻ سٺو ناهي.










