اڍائي مهينن ۾ 25 پوليس مقابلا، 6 ڌاڙيل قتل، 229 روپوش گرفتار

اڍائي مهينن ۾ 25 پوليس مقابلا، 6 ڌاڙيل قتل، 229 روپوش گرفتار

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:غالب بلوچ)ضلعي ڪشمور ضلعي ۾ بد امني جي باهه تي نئين ايس ايس پي اڍائي مھينن ۾ ڪنٽرول ڪري ورتو، اغوا، ڦر، قتل معمول بڻجڻ سبب خوف ۾ مبتلا عوام سک جو ساهه جو کڻي ورتو. ايس ايس پي امجد احمد شيخ جي اڍائي مهينن واري دور ۾ 25 پوليس مقابلا ٿيا جن ۾ 6 بدنام ڌاڙيل مارجي ويا، 5 ڌاڙيل ۽ ڦورو زخمي ٿيا ۽ 32 ڦورو گرفتارڪيا ويا.

Photo KandhKot Police

پوليس ڏوهارين وٽان وڏي تعداد۾ هٿيار به هٿ ڪيا جن ۾  6ڪلاشنڪوف، 13شاٽ گن، 27 ٽي ٽي پستول ۽ سوين گوليون شامل آهن. پوليس موجب ان عرصي ۾ 229 روپوش ۽ اشتھاري جوابدار گرفتار ڪيا ويا، انڊس ھاءِ وي تي روڊ رابري سميت گھرن مان ڦرلٽ جا واقعا به رڪجي ويا.  ايس ايس پي اڍائي مھينن جي جاري ڪيل ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڪشمور جي بھادر پوليس25 پوليس مقابلا ڪندي جرئت۽ بھادري جا نوان مثال قائم ڪيا آهن. ايس ايس پي موجب ڪابه ھائي وي تي ڪا به رابري نه ٿي آھي۽ نه ئي گھرن مان ڪو لٽ ڦرجو واقعو پيش آيوآھي ۽ايس ايس پي وڌيڪ چيوته ڪشمور پوليس عوام آڏو سرخرو ٿي آھي.

Photo KandhKot Police

سنڌجي انعام يافته بدنام ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي گينگ جو خاتموڪندي 3بدنام ڏوھارين علي بخش جاگيراڻي.شمشو جاگيراڻي.اياز جاگيراڻي کي مقابلي۾ ماري لاش ھٿ ڪيا. هن ٻڌايو ته بدنام ڌاڙيلن جيئند جاگيراڻي گينگ رينجرز ڊي ايس آر جاويداقبال کي شھيد ڪرڻ. پوليس جي سب انسپيڪٽر علي حسن بکراڻي کي شھيد ڪرڻ واري واقعي۾ ملوث هئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته تر تپائيندڙ مشھور ڌاڙيل ۽ علائقي اندر خوف جي علامت بڻيل ڏاڏو سبزوئي گينگ جو خاتمو ڪيوويو.بدنام ڌاڙيل الاھي بخش عرف ڏاڏو سبزوئي۽ سندس ساٿي پنھل عرف پنھون سبزوئي ڳوٺاڻي شھميرمھر کي قتل ڪري فرار ٿيڻ لڳا ته پوليس بروقت پھچي مقابلو ڪري ٻنھي بدنام ڌاڙيلن کي پنھنجي انجام تي پھچائي ڇڏيو ۽ عوام کي پوليس بي خوف زندگي گذارڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ علائقي ۾ امن قائم ڪيو.

Kidnapped people recovered, many saved from kidnapping

ايس ايس پي امجداحمدشيخ ٻڌايو ته اڳ۾ مختلف بھانن سان۽ فون ذريعي ھرکائجي اغوا ٿي ويلن مان 11 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرايو ۽39ڄڻن کي وڃڻ دوران جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان ريسڪيو ڪري اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. ھاءِ پروفائيل زيادتي  عليشه ڪيس ۾ بروقت ڪاروائي ڪري عوام جو اعتماد حاصل ڪيو. هن ڪيس جي مک آفيسر محمد بخش ٻرڙو پوري سنڌ پوليس جو ڳاٽ اوچو ڪيو ۽ مک جوابدار کي گرفتار ڪيو. زيادتي ڪيس۾ گرفتار جوابدار رفيق ملڪ جوابدار ساٿين جي فائرنگ ۾ پوليس سان مقابلي۾ مارجي ويو۽جوابدار خيرالله بگٽي جيل۾ آھي۽اھڙي ريت ڪشمور پوليس جو ملڪي توڙي غير ملڪي سطح تي مان مٿانھون ٿيو آھي،

Alisha rape case, victim, mother and accuse, who killed in encounter

 وفاقي ۽ سنڌ حڪومت به ان کي تسليم ڪيو آهي. ايس ايس پي امجداحمدشيخ جي مختصروقت ۾ شھيد پوليس آفيسرن سب انسپيڪٽر علي حسن بکراڻي جو گروپ انشورنس؛شھيد سپاھي عنايت الله ڊيھو .شھيد سپاھي غلام حيدر ڀيو.شھيد سپاھي قدرت الله جاگيراڻي سميت ٻين جي گروپ انشورنس۽ ٻيا مالي فائدا ترت سندن وارثن کي ڏنا ويا. هن چيو ته ڪنهن به شڪايت جي ازالي لاءِ عوام جي فوري مدد خاطر ڪشمور جي 15 مددگار کي بھتر ۽ اپ گريڊ ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته واپارين کان لکين روپيا ڦريا ويا جيڪا رقم مالڪ کي شھري اتحاد جي اڳواڻن جي موجودگي۾ واپس ڪرائي وئي. ياد رهي ته ڪشمور کي ضلعي جو درجو 16 سال اڳ مليو هو پر اڄ تائين عوامي مقبوليت ڪنهن به ايس ايس پي کي ايتري ناهي ملي جيتري امجد شيخ کي ملي آهي.

SSP Amjad Shaikh paying tribute to Mohd Bux Buriro an upright officer who brought name and fame for police all over the country due to his unmatchable sacrifice.

سندس ڪاميابين ۽ بھادري تي مشھورشاعر سانول ميرالي گيت لکي ڀيٽا پيش ڪئي جيڪو مقامي فنڪارن صابرگاجاڻي۽عظمت ميرالي ڳائي کيس جهنگ جهر ۾ مشهور ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ مشھور ڪيس ام رباب يعني ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس جي مک جوابدار ذوالفقار چانڊيو کي ڊيره موڙ وٽ پنجاب فرار ٿيندي گرفتاربه ڪيو هو. ايس ايس پي چيو ته ھي ڪاميابيون اصل۾ پوليس جي جوانن ۽ آفيسرن جي محنتن۽ دليري جو ثبوت آھن ته ڪشمور پوليس ڏوھارين کي ڪڏھن به بخش نه ڪندي.ھن چيوعوام جي بي مثال محبت ۽ پيارآئون ڪڏھن به وساري نٿو سگھان ڇوته عوام جو ڀرپورساٿ آھي. هن وڌيڪ چيو ته هتان جي ميڊيا ھميشه مثبت رپورٽنگ ڪري پوليس جي مورال کي بلند ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو