اڊيالا جيل ۾ شاهد خاقان عباسي جي طبيعت خراب، اسپتال داخل

راولپنڊي (بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل ۾ قيد مسلم ليگ ن جي سينئر نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي طبيعت خراب ٿي پئي. قومي احتساب بيورو شاهد خاقان عباسي کي ايل اين جي ڪيس ۾ 18 جولاءِ تي گرفتار ڪيو هو جيڪو هن مهل جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل ۾ قيد آهي. اڳوڻي وزيراعظم جي طبيعت خراب ٿيڻ تي ان کي جيل کان اسلام آباد جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن مطابق شاهد خاقان عباسي جي پِتي جي ٻيهر سرجري ڪئي ويندي. ياد رهي ته شاهد خاقان عباسي کي گذريل 4 سالن کان هرنيا جي تڪليف آهي ۽ ان کي 4 نومبر تي به جيل کان اسلام آباد جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي 7 نومبر تي ان جو آپريشن ڪيو ويو هو. واضح رهي ته قومي احتساب بيورو ايل اين جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خزانه مفتاح اسماعيل خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو جنهن ۾ ٻين 7 جوابدارن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو