راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ايڊيشنل سپرنٽينڊنٽ سميت 3 نوان آفيسر مقرر ڪيا ويا.جيل ذريعن موجب علي امير شاهه کي ايڊيشنل سپرنٽينڊنٽ جيل راولپنڊي، جڏهن ته عامر فياض ڀٽي کي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل مقرر ڪيو ويو آهي.جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته جماعت علي کي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جڊيشل اڊيالا جيل مقرر ڪيو ويو آهي.جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي آفيسرن کي پنجاب جي گهرو کاتي جي هدايتن تي اڊيالا جيل ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.










