اسلام آباد (بيورو)ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي سمري تيار ڪئي وئي آهي، وقت ۽ قيمت جو فيصلو وزيراعظم ڪندو.مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي 5 ۽ 10 رپيا ليويز ساڳي رهندي.هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي خبرن سبب ڊيلرز خريداري گهٽ ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري اڄ کان پيٽروليم شين جا نوان اگهه لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، وڌيڪ ڳالهيون نه ٿينديون.هن وڌيڪ چيو ته سريلنڪا جي صورتحال ان ڪري خراب ٿي جو هنن ڏکئي وقت ۾ ڏکيا فيصلا نه ڪيا، هاڻي پاڪستان عام ملڪ وانگر هلي رهيو آهي.










