اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.اڄ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي، سرچ انجڻ گوگل به مزدورن جي ڏينهن تي پنهنجو ڊوڊل تبديل ڪري ڇڏيو آهي.وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ گهٽ اُجري کان تنگ ٿي مزدور اڄ به روزاني اُجري جي ڳولا ۾ آهي.پاڪستان ۾ مزدورن جي ڏينهن تي به مزدور بغير آرام جي ڪم ۾ مصروف آهي.










