اڄوڪي تاريخ جا ڪجهه اهم واقعا، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

اڄوڪي تاريخ جا ڪجهه اهم واقعا، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ميجر آئوٽرام سر چارلس نيپيئر کي سخت پريشان ڪيو، هن چارلس نيپيئر جي سنڌ بابت پاليسيءَ تي ڪيترائي سوال اٿاريا، جنهن ڪري مجبور ٿي گورنر چارلس نيپيئر پنهنجي حڪومت کي اپيل موڪلي، جڏهن ته هندستاني حڪومت انهيءَ اپيل تي ميجر آئوٽرام کي وضاحت لاءِ طلب ڪيو. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور ۾ مذهبي عالمن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽي ڪئي، ان موقعي تي سنڌ جمعيت العلماءِ شڪارپور جي شاخ کولي وئي ۽ مولانا حماد الله کي صدر بڻايو ويو. ** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ چيف ڪورٽ غلام محمد لغاري ۽ مولوي عزيز الله جروار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان چيو ته ڪراچي کان 90 ميلن جي مفاصلي تي هڪ ٻي بندرگاهه ٺاهڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، صدر ايوب شايد اهو اعلان ان ڪري ڪيو ته سوئيز ڪئنال ويجهو هو، جنهن سان ملڪ کي روس، چين ۽ وچ ايشيا جو گيٽ وي بڻائڻ ۾ مدد ملي ها پر ڪجهه مسئلن سبب ان ڳالهه تي عمل نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري اڄڪلهه اسان اتر کان ڏکڻ ۽ افغانستان کان بلوچستان تائين جاگرافيائي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ عوامي ليگ سان تعلق رکندڙ ڪجهه اسيمبلي ميمبرن ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪئي ۽ بنگال ۾ پيدا ٿيل بحران جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون.** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب صوبي ۾ وڏي وزير منظور وٽو خلاف بغاوت ٿي وئي، پ پ جا 14 وزير ۽ جوڻيجو ليگ جا 4 صلاحڪار استعيفا ڏئي هليا ويا، صدر فاروق لغاري پنجاب اسيمبلي کي معطل ڪري ڇڏيو، سمورا اختيار گورنر جنرل (ر) سروپ خان کي ڏنا ويا.** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جي مک سياسي جماعتن ”نواز شريف هٽايو، آئين بچايو“ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بينظير ڀٽو، سردار عطاءُ الله مينگل، نوابزاده نصرالله خان، اجمل خٽڪ، حئي بلوچ ۽ ٻين جماعتن جا اڳواڻ نواز سرڪار خلاف هڪ ٿي ويا، اسلام آباد م ڄاڻايل جماعتن جي اڳواڻن جي ٿيل اجلاس ۾ تحريڪ هلائڻ جو باضابطا اعلان ڪيو ويو. اڄوڪي ڏينهن 5 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ شخصيتون.**5 سيپٽمبر 1916ع ليکڪ ڪريم بخش چنا (پاٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**5 سيپٽمبر 1927ع سياسي اڳواڻ عبدالرزاق سومرو (رتوديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**5 سيپٽمبر 1935ع شاعر هريڪانت ڄيٺواڻي (جيڪب آباد / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**5 سيپٽمبر 1939ع ليکڪ ونود لاکياڻي (سمي / راجڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. **5 سيپٽمبر 1940ع ليکڪ جهامن ڇڳاڻي (حيدر آباد / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**5 سيپٽمبر 1958ع سماج سڌارڪ عبدالغفار ملڪ (پڊ عيدن) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**5 سيپٽمبر 1959ع شاعر نيڪ سروري جو جنم ڏينهن آهي.**5 سيپٽمبر 1966ع ليکڪ شيخ جمال آزاد جو جنم ڏينهن آهي.**5 سيپٽمبر 1966ع شاعر حسن درس جو جنم ڏينهن آهي.**5 سيپٽمبر 1980ع ڪمپيئر ثاقب ابڙو (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.**5 سيپٽمبر 1981ع شاعر عبدالستار آزاد جو جنم ڏينهن آهي.**هن ڏينهن تي وڇڙيل شخصيتون ***5 سيپٽمبر 1773ع روهڙي سان تعلق رکندڙ شاعر مير قلندر شاهه رضوي جو لاڏاڻو ٿيو.**5 سيپٽمبر 1939ع مذهبي اسڪالر مولانا نور محمد ڇڇر جي وفات ٿي.**5 سيپٽمبر 1997ع نوبل انعام يافته سماج سڌارڪ مدر ٽريسا جي وفات ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو