ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين مقامي هوٽل ۾ منعقد ورڪشاپ ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ورڪشاپ جو اهتمام گين پاڪستان، فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن، ڪولمبيا ڪلائيميٽ اسڪول، ڪارنيل ڪاليج آف ايگريڪلچر اينڊ لائف سائنسز ڪيو هو. ورڪشاپ جو مقصد ملڪ ۾ پهريون فوڊ سسٽم ڊيش بورڊ ٺاهڻ آهي.ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته فوڊ سسٽم ڊيش بورڊ ڪيترن ئي ذريعن کان ڊيٽا گڏ ڪري فوڊ سسٽم جو مڪمل نظام پيش ڪري ٿو. اهو هاڻي ممڪن آهي ته لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز پنهنجي خوراڪ جي نظام جي نتيجن جي ڀيٽ پيش آيل چيلينجز جي نشاندهي جي باري ۾، غذائيت، صحت ۽ ماحولياتي نتيجن کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدمن جي نشاندهي ڪري سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته ان جي معلومات جي مطابق، فوڊ سسٽم ڊيش بورڊ (FSD) پهريون ادارو آهي جيڪو ملڪ جي سطح تي خوراڪ جي سسٽم جي سڀني حصن مان ڊيٽا گڏ ڪري ٿو ۽ ان ڊيٽا کي بامعني طريقن سان ڪيئن استعمال ڪرڻ بابت تفصيلي تجزيو ۽ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. آغا فخر حسين چيو ته غذائيت جي کوٽ ۽ خوراڪ عدم تحفظ گهٽ ترقي يافته ملڪن جو وڏو مسئلو آهي ۽ ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ فوڊ اٿارٽي ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي جنهن جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن جڏهن ته لاڳاپيل ڊيش بورڊ جي قيام سان هن شعبي جي پاليسي ٺاهيندڙن کي وڏي مدد ملي سگهي ٿي.










