اپوزيشن کي استعيفائن بدران پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرجي، شاهه

اپوزيشن کي استعيفائن بدران پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرجي، شاهه

سکر (رپورٽ جئيرام داس )پي پي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھر پارٽي جو پنھنجو الڳ موقف ھوندو آھي ، تمام وڏو مشڪل ھوندو آھي ھڪ نقطي تي گڏ ھلڻ، مان اميد ڪريان ٿو ته پي ڊي ايم قائم رھندي ، اسان کي ھڪ ٻئي کي برداش ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مولانا ۽ ٻين جي سوچ آھي ته استعيفائون ڏيڻ سان عمران خان ھليو ويندو ، مان امجهان ٿو ته استعيفائون عمران خان کي مضبوط ڪرڻ جي برابر ھونديون. استعيفائون ڏيڻ سان نيون پارٽيون ۽ نوان اميدوار سامهون ايندا آهن. اڄ جيڪي نيون پارٽيون ميدان ۾ آھن اھي بائيڪاٽ ۽ استعيفائن جو نتيجو آھي. ھاڻي اسان جي راءِ آھي ته سڀ پارٽيون پارليامينٽ اندر اچن، اھا اسان جي سوچ آھي پر مولانا ۽ نو ن ليگ جي اها سوچ ناھي. هڪ سوال تي هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ جو آرڊيننس پاڪستان لاء زھريلو آھي، ان آرڊيننس کانپوءِ اسان آئي ايم ايف جا غلام ٿي ويندا سين، عمران خان کي اھا ڳالهه سمجھڻ گهرجي ملڪ جو فائدو ان سان نقصان ٿيندو. ڪجهه قوتون پاڪستان کي ھميشا آئي ايم ايف جو غلام بنائڻ چاھن ٿيون. هڪ سوال تي خورشيد شاهه چيو ته اجي ڪمار منھنجو پٽن جھڙو هو، سندس  خون رائيگان نه ويندو، الله جي ڪرم سان اجي ڪمار جا قاتل گرفتار ٿي چڪا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو