اپوزيشن پاران نيب چيئرمين جي استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ اپوزيشن جي ٻن وڏين سياسي جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کان مستعفي ٿيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ پاران نيب بابت ڏنل فيصلي ۽ ججن جي ريمارڪس ۽ هيومن رائيٽس واچ پاران نيب کي سياسي مقصد لاءِ اپوزيشن خلاف استعمال ڪرڻ واري رپورٽ بعد پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو چيو آهي ته نيب چيئرمين فوري طور تي استعيفيٰ ڏئي ڇو ته هو سياسي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو نيب سندس بيمار والد کي حراسان پيو ڪري. مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي نيب نوٽيس پيو جاري ڪري، چيئرمين کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. اپوزيشن اڳواڻن جو چوڻ آهي ته نيب ريفرنس داخل ڪرڻ کان اڳ ميڊيا ٽرائل ڪري توهين عدالت پيو ڪري. سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد نيب کي قائم رکڻ جو ڪو جواز ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو