ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فردوس شميم نقوي طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي عهدي تان استعيفيٰ کان پوءِ تحريڪ انصاف جا ميمبر هڪ ٻئي جي خلاف ميدان ۾ اچي ويا آهن.سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي تبديلي جو معاملو تحريڪ انصاف ۾ اندروني اختلافن کي وڌيڪ هوا ڏئي رهيو آهي. 2018 جي عام چونڊن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف ٻئي سڀني کان وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي هئي ۽ فردوس شميم نقوي کي اپوزيشن اڳواڻ مقرر ڪيو ويو پر هن ڪجهه مهينن کان پوءِ اهو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو.سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي عهدي لاءِ سڀني کان اهم اميدوار حليم عادل شيخ آهي جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ پارلياماني اڳواڻ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي پر تحريڪ انصاف جا ڪيترائي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي اپوزيشن اڳواڻ ڪرڻ جا مخالف آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي مختلف ميمبرن پنهنجا ڌار ڌار گروپ ٺاهي ورتا آهن ۽ تحريڪ انصاف سنڌ جي واٽس ايپ گروپ ۾ به ميمبر هڪ ٻئي جي خلاف پيغام ڪري رهيا آهن.اهڙي صورتحال کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن وزيراعظم کان تبديلين تي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.هنن اهو به چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن به فيصلي کان اڳ اسان سان وڊيو لنڪ تي ڳالهيون ڪري يا اسان کي ملاقات لاءِ وقت ڏئي.










