اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي شماريات بيورو (پي بي ايس) چيو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي اپريل ۾ گذريل ٻن سالن کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڪنزيومر پرائس انڊيڪس (سي پي آءِ) جي ماپ مطابق، گذريل سال جي ساڳئي مهيني جي ڀيٽ ۾ هن سال اپريل ۾ 13.37 سيڪڙو جي ٻن سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. مارچ ۾ مهانگائي 12.7 سيڪڙو رڪارڊ ٿي ۽ اپريل ۾ ان ۾ 1.61 سيڪڙو واڌ ٿي وئي. اها جنوري 2020 کان وٺي ڪنزيومر پرائس انڊيڪس تحت سڀ کان وڌيڪ افراط زر آهي، جڏهن ته ڄاڻايل عرصي ۾اها شرح 14.6 سيڪڙو هئي.










