ڊرگھ بالا ( محمد اسماعيل لانگاھ ) پي ٽي آءِ جو مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعليٰ سنڌ لياقت علي جتوئي ڊرگھ بالا پهچي معزز شخصيت صابرخان ڏاھري جي گھرواري ۽ ڊي اي او تعليم نوابشاھ عبدالفتاح ڏاهري جي ڀاڄائي جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ بعد پريس ڪلب ڊرگھ بالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان ڪنھن به سياسي ليڊر کي اين آر او نه ڏنو آ نه ڏيندو ڪرپشن ڪندڙن ليڊرن تي ڪورٽن ۾ ڪيس ھلندڙ آھن ۽ انھن جا فيصلا عدالتون ثبوتن جي آڌار تي ڏئي رهيون آهن ڪرپشن جو ڪيس ڪنھن سياسي ليڊر تي ثابت ٿيندو ته ملڪ جي قانون مطابق انھن جو فيصلو جج ضرور ڏيندا. ملڪ ۾ اوچتي مھانگائي بابت ۽ اٽي جي اگھن تي وفاقي حڪومت جي ڪردار تي پڇيل سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته کنڊ، اٽي يا کائڻ پيئڻ جي شين جي اگھن تي ڪنٽرول ڪرڻ صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي هر ضلعي جو ڊي سي، مختيارڪار، وڌندڙ مھانگائي کي روڪڻ جا پابند آهن پر سنڌ صوبي ۾ مھانگائي جي بحران ۾ پيپلزپارٽي جي صوبائي گورنمينٽ جو وڏو ھٿ آھي اڄ به صوبي جي سرڪاري گودامن ۾ ڪڻڪ بي انتھا اسٽاڪ ٿيل آھي جيڪا ڪڻڪ پيپلزپارٽي وارا پنھنجن من پسند وڏن واپارين، ڪارخانيدارن کي ڏئي اسٽاڪ ڪرائي سنڌ ۾ ھٿرادو مھانگائي جو بحران پيدا ڪيو آھي. سنڌ صوبي ۾ غريب ماڻھن کي پيپلزپارٽي 13 سالن ۾ بک، بدحالي، فاقه ڪشي کان سواءِ ڪجھ به نه ڏئي سگھي آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ هن عمران خان کي بابت چيو ته ھو سنڌ جي مسئلن جي حل ۾ ڪا دلچسپي نه پيو ڏيکاري ان جي باوجود به ھو عمران خان سان گڏ آھي ۽ رھندو ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ به پي ٽي آءِ سڄي سنڌ ۾ ضلعي سطح تي اميدوار بيهاريندي ۽ اصل مقابلو دادو ضلعي ۾ ڪنداسين.










