ميلان (ويب ڊيسڪ)ميلان جي سپر مارڪيٽ ۾ چاقو سان حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا موجب چاقو جي حملي ۾ مارجي ويل شخص 30 ورهين جو سپر مارڪيٽ ڪيشيئر آهي.ميڊيا رپورٽن موجب حملي آور مارڪيٽ ۾ موجود ٻين ماڻهن تي به حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسپيني فٽبالر پابلو ماري پڻ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته حملي ۾ وڌيڪ 5 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.پوليس موجب حملو ڪندڙ شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، سندس دهشتگرديءَ سان ڪو به تعلق ناهي، حملي آور ذهني مريض آهي ۽ هن بازار جي شيلف مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب پابلو ماري پنهنجي زال ۽ پٽ سان گڏ سپر مارڪيٽ ۾ خريداري ڪري رهيو هو ته حملي ۾ کيس پٺي تي زخم آيا ۽ کيس طبي امداد ڏني وئي.










