اٽارني جنرل کي هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ۾ اٽارني جنرل انور منصور کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ پاڪستان جي صدر، وزيراعظم، قانون واري وزارت، گهرو سيڪريٽري ۽ اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي. محمود اختر نقوي پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اٽارني جنرل انور منصور خان جي مقرري آرٽيڪل 100 ۽ 179 جي خلاف ورزي آهي موجوده اٽارني جنرل جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي آئين جي مطابق 65 سالن جي عمر پوري ٿيڻ تي عدالت عظميٰ جا جج ريٽائرڊ ٿي وڃن ٿا. داخل ڪيل درخواس ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اٽارني جنرل جو عهدو عدالت عظميٰ جي جج جي مناسبت هوندو آهي  جج جي ريٽائرمينٽ لاءِ عمر جو اصول اٽارني جنرل جي عمر تي به لاڳو ٿئي ٿو. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته اٽارني جنرل کي آئين جي آرٽيڪل 100 تحت فوري طور تي عهدي تان هٽايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو