ڪراچي (رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جو اهم بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اٽارني جنرل بئريسٽر خالد جاويد خان پاران عمران نيازي جي حمايت ڪرڻ افسوسناڪ آهي اٽارني جنرل جو خاندان جي جمهوريت نواز پس منظر باوجود آئين تي حملي جي حمايت سندن بزرگن جي جدوجهد جي توهين آهي اڄ جنرل ايوب خان ۽ جنرل ضياءُ الحق جون قبرون ڏسو جن حڪمرانن جي حق تي قتل عام جي حمايت ڪئي جمهوريت لاءِ جاري جنگ ۾ آخري فتح عوام جي ٿيندي آئين تي حملي جي حمايت ڪندڙن کي خواري کانسواءِ ڪجهه نه ملندو










