اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪرونا سبب وڌيڪ 63 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 4300 کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جيڪي 8 مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ رپورٽ ٿيل سڀني کان وڌيڪ ڪيسز آهن.پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر پڌرا ڪندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا 42418 ٽيسٽ ڪيا ويا هئا جنهن ۾ 4368 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سان 63 ڄڻا فوت ٿيا.پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز گذريل سال ڪورونا جي پهرين لهر ۾ 3 جولاءِ کانپوءِ سامهون ايندڙ سڀني کان وڌيڪ آهن.گذريل 3 جولاءِ تي هڪ ڏينهن دوران ڪورونا جا 4087 ڪيسز رپورٽ ٿيا هئا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4363 ڪيسز سامهون آيا آهن.










