اُمه چوي ٿي Do More ، محمد حنيف

ٻالڪپڻ ۾ اسانکي علامه اقبال جي هن شعر جو رَٽو لڳرايو ويندو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي ٻئي خواب کي بيان ڪيو هو.

ایک ہوں مسلم حرم کی پاسبانی کیلئے

نیل کے ساحل سے لیکر تابخاک کاشغر

قاعداعظم کي الله تعاليٰ مهلت ئي نه ڏني ۽ هو خواب نمبر 01 يعني پاڪستان جي ئي تعبير ڏسي سگهيو.

اسانجي باقي ڪنهن به اڳواڻ کي علامه اقبال جو ٻيو خواب سمجهه ۾ ئي نه آيو. ايوب، ضياءَ، مشرف آمريڪا جي چاڪِري ڪندا رهيا.

ڀٽي هڪ ڀيرو سمورن مسلمان بادشاهن کي لاهور جي شاهي مسجد ۾ ڪٺو ڪيو پر ڀٽي جو پنهنجو توڙي بادشاهي مسجد اندر هڪ ئي قطار ۾ بيهي نماز پڙهڻ وارن گھڻن اڳواڻن جو انجام ڪجهه چڱو نه ٿيو. ان بعد اُمت ڪک پَنُ ٿي وئي.

جنهن حرم جي پاسباني اسانکي ڪرڻي هئي، ان جي پاسبانن آمريڪا ۽ يورپ کان هر سال کربن جو اسلحو خريد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ پاڙي ۾ ويٺل غريب يمني اُمتين تي آزمائڻ شروع ڪري ڏنو.

ان سڄي قصي ۾ اُمت، اُمه ڪڏهن بڻي اسانکي خبر ئي نه پئي.

پر انهيءَ اُمه جي ٽن وڏن يعني مهاتير محمد، اردگان ۽ عمران خان مٿا گڏائي ويٺا اهو سوچڻ لاءِ ته اُمه جو مسئلو ڪهڙو آهي، اُمه چاهي ڇا ٿي؟ جواب آيو هڪ ٽي وي چينل!

جيئن ته دنيا اُمه کي سمجهڻ ۾ ناڪام رهي آهي، ڇو ته مسلمانن جي باري ۾ گھڻيون غلط فهميون ڦهليل آهن، جيئن ته اسلام کان نفرت هڪ وبا جي شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي ان لاءِ ان جو ٽوڙ ڪرڻ خاطر ڇا ڇا ڪيو وڃي؟ هڪ ٽي وي چينل کوليو وڃي ته جيئن دنيا کي اسلام جو اصلي چهرو ڏيکاريو وڃي.

سوچي ته اهو به سگهجي پيو ته پنهنجا ڪرتوت وغيره ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

اگر اهو ڪم ٿورو مشڪل لڳي ٿو ته گھٽ ۾ گھٽ هڪ گڏيل بيان اهو ئي ڏنو وڃي ها ته حرم شريف تي اسان جي جان به قربان آهي پر، اگر ان حرم جو پاسبان شهزادو هڪ صحافيءَ کي استنبول جي سفارتخاني ۾ گهرائي ان جا ڳترا ڳترا ڪرائي ان جو لاش ئي غائب ڪري ڇڏي ته ان سان اسلام جي ڇا ڪا نيڪ نامي ٿي.

پر اگر اُمه جي ٽن وڏن فيصلو ڪيو آهي ته پوءِ چينل ته قائم ئيندو.

چينل تي اسان جو مثبت خاڪو ٺاهڻ لاءِ خبرون، خبر ناهي ڪهڙيءَ ريت هلنديون. ڇا يمن جا بي يار ۽ مددگار اُمتي ”اسلام امن جو دين آهي” قسم جو پيغام ڏيندا؟

ترڪيءَ جي جيلن ۾ قيد سوين صحافين ۽ هزارين سياسي ڪارڪنن کان پڇيو ويندو ته نيل جي ڪناري هلندئو يا توهان کي ڪاشغر ۾ سياسي پناهه ڏياري وڃي؟

ڇا پاڪستان مان جان بچائي ڀڄندڙ هزاره جيڪي هاڻي ملائيشيا ۾ پناهه جي تلاش ڪن پيا انهن کان پڇيو ويندو ته ملائيشيا جي اُمتين جي ميزبانيءَ جو مزو اچي رهيو آهي؟

گھٽ ۾ گھٽ اهو ته ڏيکاري ئي سگهبو ته ڊي ايڇ اي ڪوئيٽا اُمت جي تاريخ ۾ هڪ تاريخ ساز واقعو آهي ۽ ان جا اشتهار توڙي نقشا ڏسي ڪنهن کي شڪ ٿي سگهي ٿو ته اُمت جو مستقبل روشن نه آهي!

ملائِسيا جي مونکي گهڻي خبر ناهي پر پاڪستان ۽ ترڪيءَ ۾ گھڻا صحافي بيروزگار آهن. ترڪيءَ ۾ ته بيروزگار صحافين جي کاڌي پيتي ۽ رهائش جو انتظام جيلن ۾ ٿيل آهي. (جن پاڪستاني صحافين جو هيرو اردگان آهي انهن کي ياد ڏيارڻو پوندو آهي ته توهان جهڙا هزارين هيرو صحافي ترڪيءَ جي جيلن ۾ آهن ۽ اتان جون جيڪي جنگ، جيو، ڊان، نواءِ وقت هيون اهي پرلوڪ پڌاري چڪيون آهن).

سو اُمه جي نئين چينل لاءِ صحافي ته ٽَڪي ٽوڪري ملي ويندا. پر چينل کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جيڪو وزن گهرجي اهو صرف ۽ صرف غفور وٽ آهي. مان ان جو نالو صرف ان ڪري نه پيو  کڻان ته هو پاڪستاني آهي پر ان لاءِ پيو کڻان جو پنهنجي ڪم سان هن جو چاهه ۽ گهڻي محنت بيمثال آهي.

هونئن به اُمه جو سافٽ اميج ٺاهڻ لاءِ سر غفور جي سافٽ ٽچ جي ضرورت آهي. ترڪيءَ ۾ جيڪي صحافي حڪومت کي پسند ناهن ايندا انهن کي جيل اماڻي ڇڏيو ويندو آهي، سر غفور ڪنهن صحافيءَ کان نظرون ڦيري ڇڏي ته اهو پاڻ ئي گهر ويهي رهڻ مناسب سمجهندو آهي ۽ يو ٽيوب چينل کولڻ جا منصوبا ٺاهڻ لڳندو آهي.

هونئين جيترا چينل سَرِ هڪ وقت ۾ بند ڪري ڇڏيندو آهي، مهاتير ۽ اردگان کي ان لاءِ هڪ چڱي چوکي فوج گهربل هوندي آهي.

پاڪ فوج پاڪستان جو فخر آهي ۽ پاڪ فوج جو فخر ڪير آهي؟ مان بار بار ان جو نالو کڻي کيس شرمنده ڪرڻ نه ٿو چاهيان پر يقين ڪيو ته وقت اچي ويو آهي ته ان جون خدمتون اُمه جي حوالي ڪيون وڃن.

ان کي 24 ڪلاڪن واري خبر جي چڪر کي سنڀالڻ سان گڏ گڏ شوبز، ميوزڪ، فلم ۽ ڊرامه پروڊڪشن جو به وسيع تجربو آهي. ان جون خدمتون اُمه کي ملي وڃن ته حرم جي پاسباني به ٿيندي رهندي ۽ پارٽي به هلندي رهندي.

(بي بي سيءَ جي ٿورن سان)

پهنجو تبصرو موڪليو