اي چالان ۾ ڪنهن کي رعايت ملي،رپورٽ عدالت ۾ جمع

اي چالان ۾ ڪنهن کي رعايت ملي،رپورٽ عدالت ۾ جمع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊي آءِ جي ٽريفڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اي-چالان بابت جواب جمع ڪرايو.اي-چالان خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي ٽريفڪ چيو ته اي-چالان سسٽم سڀني ڌرين سان صلاح مشوري کان پوءِ لاڳو ڪيو ويو، پهريون مرحلو صرف مڪمل انفراسٽرڪچر سان روڊن تي لاڳو ڪيو ويندو آهي.ڊي آءِ جي ٽريفڪ جو چوڻ آهي ته تعمير هيٺ روڊ اي-چالان سسٽم ۾ شامل نه آهن، 14 ڏينهن اندر چالان ادا ڪرڻ تي 50 سيڪڙو رعايت ڏني پئي وڃي، سنڌ حڪومت پاران جرمانن ۾ ترميم ڪئي وئي، ٽرئفڪ پوليس جو ڪو به ڪردار ناهي.هن چيو ته اي-چالان سسٽم شفاف آهي ۽ قانوني دائري ۾، اي-چالان سان لاڳاپيل تڪرارن کي ٽرئفڪ عدالتن کان رجوع ڪري سگهجي ٿو.ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي جواب کان پوءِ عدالت درخواستن جي ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو