پشاور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته اي پي سي جي باضابطه دعوت ناهي ڏني وئي، دعوت آئي ته سوچينداسين.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو ته حڪمران پاڻ کي آئين ۽ قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا.هن چيو ته ملڪ جي معيشت کي داءَ تي لڳايو ويو آهي، اسان تي مڙهڻ وارا آئين ۽ قانون کي نٿا مڃين.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ويڙهه انهن سان آهي جيڪي ملڪ کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيا آهن، اسان جي پارٽي اڳواڻن ۽ اسان جي عورت اڳواڻن کي به کنڀيو پيو وڃي.










