علي محمد آزاد ٿيڻ بعد نئين ڪيس ۾ گرفتار

علي محمد آزاد ٿيڻ بعد نئين ڪيس ۾ گرفتار

پشاور(ويب ڊيسڪ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن بعد کيس هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب علي محمد خان جو نالو به اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس ۾ شامل آهي.علي محمد خان جي گرفتاري پنجون ڀيرو عمل ۾ آئي.علي محمد خان چيو ته عدالت مان نڪرڻ بعد پوليس کيس وڃڻ جي اجازت نه ڏئي رهي آهي، عدالت مان آزاد ٿيڻ بعد پوليس کيس ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي.هن چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو