اي ٽي ايم مان برياني ملڻ شروع ٿي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن ائين چئون ته غلط نه ٿيندو ته اهو وقت گذري ويو آهي جڏهن اي ٽي ايم مشين کي صرف پئسا وٺڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو پر هن جديد دور ۾ اي ٽي ايم مان پئسن کان علاوه گرم برياني جو آرڊر ڏيڻ به ممڪن آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي شهر چنائي جي هڪ شخص برياني جي اي ٽي ايم مشين لڳائي ڇڏي آهي جتي شهري گرم برياني آرڊر ڪري سگهن ٿا. ميڊيا رپورٽن موجب اها برياني واري اي ٽي ايم چنائي جي هڪ رهواسي پنهنجي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ٺاهي آهي. برياني اي ٽي ايم جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته بکايل گراهڪ هتي اچي پنهنجي بک ختم ڪري سگهن ٿا جتي کين بنا نتظار جي تڪڙ ۾ کاڌو ملي سگهي ٿو ۽ هو نئون تجربو به حاصل ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو