اي سي جو پمپ تي ڇاپو، ماپ ۾ ڦير ڦار تي 75 ھزار ڏنڊ وصول

اي سي جو پمپ تي ڇاپو، ماپ ۾ ڦير ڦار تي 75 ھزار ڏنڊ وصول

شڪارپور (ن س ) اسسٽنٽ ڪمشنر جا پيٽرول پمپن تي ڇاپا، ماپ ۾ ڦير ڦار تي 75 ھزار ڏنڊ وصول. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي حڪمن تي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان ظفر شڪارپور جي مختلف پيٽرول پمپن جو دؤرو ڪري پيٽرول ۽ ڊيزل جي پيمائش ڪئي، فاسٽ فلنگ اسٽيشن تي جڏھن پيٽرول ۽ ڊيزل جي پيمائش ڪئي ويئي تہ ٻنھي جي پيمائش دوران ھڪ ھڪ پوائنٽ گھٽ نڪتي جنھن سبب انھيءَ تي 50000 ھزار ڏنڊ لڳايو ويو، شيخ فلنگ اسٽيشن تي پيمائش دوران پيٽرول جي ماپ پوري ۽ برابر نڪتي جڏھن تہ ڊيزل جون ٻہ پوائنٽون گھٽ نڪتيون جنھن سبب 10000 ھزار روپيہ ڏنڊ لڳايو ويو، انس فلنگ اسٽيشن تي پيمائش دوران پيٽرول ۽ ڊيزل جون ٻہ ٻہ پوائنٽون گھٽ نڪتيون جنھن سبب 15000 ھزار ڏنڊ لڳايو ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر پاران مجموعي طور تي 75000 ھزار ڏنڊ لڳايو ويو ۽ پڻ کين وارننگ ڏيندي پابند ڪيو ويو تہ ٻيھر چيڪنگ دؤران ماپ جي ڪمي جي صورت ۾ اھڙن پيٽرول پمپن جو لائيسنس ختم ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو