اسلام آباد: (بيورو رپورٽر) اي ايس پي شهربانو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي پرسنل سيڪيورٽي آفيسر(پي ايس او) مقرر ٿي وئي آهي.گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شهربانو نقوي محسن نقوي جي پي ايس او جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏيندي. گريڊ 17 جي شهربانو اي ڊي او ايف سي اسلام آباد مقرر هئي.نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اي ايس پي شاهه رخ خان کي گهرو وزير جو اسسٽنٽ چيف سيڪيورٽي آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. گريڊ 17 جو شاهه رخ خان پوليس سروس اي ڊي او ايف سي شبقدر مقرر هو.










