اي آء جي حيدرآباد ريجن پاران نوشھرو فيروز جو دورو

اي آء جي حيدرآباد ريجن پاران نوشھرو فيروز جو دورو

نوشھرو فيروز ( رپورٽ منظور ملڪ)اي آء جي پوليس  حيدرآباد ريجن ڊاڪٽر جميل احمد پاران ضلع نوشھرو فيروز جو دورو ڪيوان موقعي تي ڊي آء جي شھيد بينظير آباد مظھر نواز شيخ پڻ ساڻس گڏ ھو ان موقعي تي ايس ايس پي نوشھرو فيروز الطاف حسين لغاري ۽ ٻين تعلقي آفيسرن سندن اسقبال ڪيو ۽ ۽کين مقر ڪيل پوليس عملدارن پاران سلامي ڏني وئي  جنھن بعد ڊاڪٽر جميل احمد پاران ايس ايس پي آفيس ۾ پنھنجي ھٿن سان ٻوٽو لڳايو ۽ ان موقعي تي ايڊيشنل آء جي وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل جي اسٽاف سان ملاقات ڪئي ۽ بريفنگ ورتي ۽سيل جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظھار ڪيو ۽ سيل انچارج انسپيڪٽر ميڊم ممتاز چنڙ ۽ٻئي اسٽاف کي شاباس ڏني ۽ سندن مسئلا معلوم ڪيا ان موقعي تي کين عورتن ۽ٻارن جي حقن کي بھتر طريقي سان سندن مسئلن جي حل جون ھدايتون ڪيون جنھن بعد ايس ايس پي سميت تمام ڊي ايس پيز سان ميٽنگ ڪئي ۽ ضلعي ۾ امن وامان جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ کيس بريفنگ ڏني وئي جنھن بعد ايس ايس پي پاران اي آء جي  جميل احمد ۽ ڊي آء جي مظھر نواز شيخ کي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ ڏنا ٻئي پاسي  ايس ايس پي آفيس ۾ ڪاروباري ضلعي جي معززين ۽ مختلف ماڻھن سان ملاقات ڪئي ۽ امن وامان ۽ مختلف مسئلن  تي خيالن جي ڏيوٺ ڪئي ۽ سندن مسئلن جي حل جو پڻ يقين ڏياريو ۽ شھرين پڻ کين تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو آخر ۾ بھتر ڪارڪردگي تي  ڊي ايس پي نوشھرو فيروز سٽي اعجاز علي ميمڻ ڊي ايس پي موروعبدالله لاکير  سي آء انچارج يار محمد رند ميڊم ممتاز چنڙ ۽ ٻين آفيسرن ۽ آفيشلز اسٽاف ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ نقد انعام تقسيم ڪيا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو