ايڪسائيز پوليس جي ڪاروائي،چرس اسمگل جي ڪوشش ناڪام

ايڪسائيز پوليس جي ڪاروائي،چرس اسمگل جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )ايڪسائيز پوليس روهڙي جي ٽيم ايڪسائيز انسپيڪٽر قمر الدين جي سربراهي ۾ ڪارروائي ڪندي گاڏي مان 60 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتو جڏهن ته ٽي جوابدار بابر خان، عصمت الله ۽ علي احمد گرفتار ڪيا ويا. جوابدار ريوو گاڏي نمبر KW-7711 ۾ چرس ڪراچي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ايڪسائيز پوليس روهڙي گاڏي پڻ قبضي ۾ وٺي ڇڏي ۽ جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي. صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اينٽي نارڪوٽيڪس مڪيش ڪمار چاولا ڪامياب ڪارروائي تي ايڪسائيز پوليس روهڙي جي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو سنڌ ۾ منشيات اسمگل ڪرڻ جي هر ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو