اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان بلوچستان ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي مستقلي واري معاملي تي جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 7 جون تي طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب اجلاس ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي 5 ايڊيشنل ججن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي 3 ايڊيشنل ججن جي مستقلي تي غور ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال احمد ڪاسي، جسٽس شوڪت رخشاني، جسٽس گل حسن ترين، جسٽس محمد امير نواز رانا ۽ جسٽس سردار احمد حليمي جا نالا شامل آهن.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جسٽس شاهد خان، جسٽس خورشيد اقبال ۽ جسٽس فضل سبحان جي مستقلي تي به غور ڪيو ويندو.










