ايڊز وائرس جي مريضن کي علاج جي سهولت نه ڏيڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران سنڌ ۾ وڌندڙايڊز جي مرض ۽ هن وائرس ۾ ورتل ماڻهن جي علاج نه ڪرائڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي پي ٽي آئي جو ضلع صدر امن قاضي، انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳواڻ عامر بروهي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايڊز سنڌ جي ماڻهن لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهي جڏهن ته حڪومت ايڊز مريضن جي علاج لاءِ ڪي به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته صحت کاتي جي اربين روپين جي بجيٽ خبر ناهي ڪاڏي ٿي وڃي؟ هنن چيو ته سنڌ جي اسپتالن جي حالت ابتر آهي اتي علاج جون سهولتون ناهن جنهن سبب روزانو ايڊز سميت مختلف بيمارين ۾ ماڻهو مري رهيا آهن پر سنڌ جا حڪمران ڪرپشن ۽ عياشيون ڪرڻ ۾ مصروف آهن.هنن چيو ته عوام ۾ جاڳرتا پئدا ڪرڻ لاءِ ريليون ڪڍي رهيا آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو