لنڊن (ويب ڊيسڪ)ايپل جا نوان آئي فونز سيپٽمبر ۾ متعارف ڪرايا ويندا، جنهن کان پوءِ آمريڪي ڪمپني هندستان ۾ ڊوائيسز تيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب ايپل آئي فون 14 سيريز متعارف ڪرائڻ جي 2 مهينن کانپوءِ چين ۽ ڀارت ۾ به ڊوائيسز جي پيداوار شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ان کان اڳ نون آئي فونز جي پيداوار چين کان ٻاهر ان جي متعارف ٿيڻ کان 6 کان 9 مهينن بعد ڪئي وئي هئي.ڪمپني سپلائرز جي تعاون سان هندستان ۾ فون جي پيداوار جي عمل کي تيز ڪري رهي آهي.سيپٽمبر ۾ لانچ ٿيڻ کان پوء، هندستان ۾ آئي فون 14 جي پيداوار آڪٽوبر يا نومبر جي آخر ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.ايپل جي مکيه سپلائر فوڪوسن پڻ چين مان اجزاء منتقل ڪندي هندستان ۾ هڪ پلانٽ تي آئي فون 14 کي گڏ ڪرڻ جي عمل جي تحقيق ڪئي آهي.ايپل پاران اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن بيجنگ ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي جڏهن ته چين ۾ پيداوار به ڪووڊ لاڪ ڊائونز سبب متاثر ٿي رهي آهي.ايپل ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو.










