ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام مڪمل محفوظ هجڻ جو بيان خوش آئنده آهي: شيخ رشيد

ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام مڪمل محفوظ هجڻ جو بيان خوش آئنده آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام مڪمل طور تي محفوظ ۽ پريشر فري هجڻ جو بيان انتهائي خوش آئند آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شيخ رشيد احمد لکيو ته لاهور ۾ سياسي ماحول انتهائي ڇڪتاڻ وارو آهي، جنهن جو اثر سڄي صوبي تي پوي ٿو، چور ۽ چوکيدار وچ ۾ ڪڏهن به امن نٿو ٿي سگهي، آئين موجب 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم آهي.هن چيو ته دوست ملڪ موجوده حڪومت کي سمجهن ٿا، اهو ئي سبب آهي ته هو 6 ارب ڊالرن جي ضمانت نه ٿا ڏئي رهيا ۽ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو نه ڪري رهيا آهن، حڪمران بجلي، پيٽرول ۽ گئس جا اگهه وڌائي رهيا آهن.اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن حڪومت منهنجي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي، جيڪڏهن منهنجي ضمانت رد ٿي ته مان پنهنجي سسرال ڏانهن ويندس.

پهنجو تبصرو موڪليو