ايٽمي پروگرام سان جڙيل سمورن سائنسدانن کي سلام پيش

ايٽمي پروگرام سان جڙيل سمورن سائنسدانن کي سلام پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلاول ڀٽو زرداري يوم تڪبير تي قوم جي نالي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ جي ايٽمي پروگرام سان جڙيل سمورن سائنسدانن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هي پاڪستاني قوم جي لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو جو عظيم تحفو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ڀٽو چيو هو ته اسان گاهه کائي به پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائينداسين پاڪستان کي ايٽمي طاقت ٺاهڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو مشن هو. بينظير ڀٽو بطور وزيراعظم ملڪي ايٽمي پروگرام جي حفاظت ڪئي. بينظير ڀٽو اپوزيشن ۾ هجڻ جي باوجود به حڪومت کي مڪمل حمايت ڏياري.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ايٽمي پروگرام تي پيپلز پارٽي اڄ به شهيد اڳواڻن جي نقش قدم تي هلي رهي آهي. پ پ اڄ به اعتماد جوڳي دفاعي صلاحيت جي پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو