ايوان خالي، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جي  ڪاوڙ

ايوان خالي، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جي ڪاوڙ

اسلام آباد(بيورو) وفاقي وزير خورشيد شاھ چيو آھي تھ ميمبرز ايوان ۾ ڇو نه ٿا اچن، جيڪي اچن ٿا انهن جو ڀلا ڪهڙو ڏوهه؟ اهڙو طريقو رهيو ته پوءِ اسان به نه اينداسين قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ايوان خالي ڏسي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ڪاوڙجي پيو، اجلاس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته بجيٽ تي ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، بهترين بجيٽ هجڻ باوجود ڪير نٿو ڳالهائي وزيراعظم کي به ايوان ۾ ويهاريو وڃي،اسپيڪر صاحب اوهان ڪارروائي معطل ڪيو، جيڪڏهن ڪارروائي معطل نه ڪندا پوءِ ڪورم جي نشاندهي ڪندس، خورشيد شاهه جي ڌمڪي بعد اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس اڌ ڪلاڪ لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو