ڪراچي (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته ايوان صدر کي ٻيهر سازشن جو مرڪز بڻجڻ نه ڏنو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي ترجمان شازيه مري چيو ته آصف علي زرداري پارليامينٽ کي بااختيار بڻايو. هن چيو ته جيڪڏهن عارف علوي عمران خان جي هدايتن تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس صدارت ڇڏڻ گهرجي. شازيه مري چيو ته جيڪڏهن عارف علوي عمران نيازي کي ملازمت ڏيڻ چاهي ٿو ته استعيفيٰ ڏئي جيل ڀريو تحريڪ جو حصو بڻجي. وفاقي وزير چيو ته عارف علوي کي اليڪشن ڪميشن جي آئيني خودمختياري سان ٽڪراءُ نه ڪرڻ گهرجي. شازيه مري چيو ته ادارن سياست کان لاتعلقي جو مظاهرو ڪيو آهي، انهن کي سياست ۾ ڇڪڻ کان روڪيو وڃي.










