بريڪ ڊائون کانپوءِ بجلي بحال ٿي رهي آهي، شبلي فراز

بريڪ ڊائون کانپوءِ بجلي بحال ٿي رهي آهي، شبلي فراز

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گذريل رات نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) ۾ فني خرابي کانپوءِ نظام بحال ڪيو پيو وڃي.گذريل رات سڄي ملڪ ۾ بريڪ ڊائون کانپوءِ هاڻي بجلي بحال ٿي رهي آهي ۽ مختلف شهرن ۾ بجلي بحال ٿي وئي آهي.پاور ڊويزن چيو ته پاور وارو وفاقي وزير عمر ايوب خان ذاتي طور تي بجلي جي بحالي جي عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي.اطلاعات واري وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اين ڊي ٽي سي ۾ فني خرابي کانپوءِ نظام ٻيهر بحال ٿي رهيو آهي.پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون اطلاعات لاءِ فردوس عاشق اعوان چيو آهي ته فني خرابي کي جلد حل ڪيو ويندو ، ماڻهوکي  پريشان نه ٿيڻ گهرجي ، وزيراعليٰ پنجاب صورتحال تي نظر رکي رهيو آهي ، ماڻهن کي افواهن تي يقين نه رکڻ گهرجي.شهباز گل جو چوڻ آهي ته بجلي بحال ڪئي ويندي  عمران خان جي حڪومت آهي جنهن ۾ وزير پاور عمر ايوب چند منٽن ۾ هيڊ ڪوارٽر پهتو ۽ بجلي جي بحالي جي نگراني ڪري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو