اين ٽي ايس پاس استادن جو احتجاج،روڊ بلاڪ،نعرا

اين ٽي ايس پاس استادن جو احتجاج،روڊ بلاڪ،نعرا

بدين(ن س)فيڊر ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ جي مرڪزي سڏ تي اين سي ايڇ ڊي ء بيڪس جي استادن کي پڪو نہ ڪرڻ، اسڪيل ۽ پينشن جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ ڇھن مھينن جو پگھار نہ ملڻ خلاف مرڪزي اڳواڻ غلام مصطفيٰ لنڊ، شاھد علي راھمون ضلعي صدر اشفاق احمد زنئور مختیار خاصخیلي، امير بخش سميجو، محمد نواز آرائین، محمد اصغر چانڊيو، نورحسن جت، محمد جمن احمداڻي، علي احمد خاصخيلي جي اڳواڻي م پريس ڪلب بدين اڳيان احتجاجي مظاھرو، احتجاج م سوين استادن جي شرڪت، سنڌ سرڪار ء تعليم کاتي خلاف سخت نعريبازي، احتجاجي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سي سي آء جي فيصلي تحت استادن کي صوبن جي حوالي ڪيو ويو آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ سنڌ ڪابينا پاران منظور ڪيل پاليسي م استادن سان سراسر ناانصافي ڪئي وئي پرائمري سطح تي تعليم ڏيندڙ ارڙھن سالن جو تجربو رکندڙ استادن کي پڪو ڪرڻ بدران فقط پگھار م معمولي اظافو ڪري نہ کين اسڪيل ڏنو ويو آھي نہ وري کين پرائمري استادن ء سرڪاري ملازمن واريون مراعتون ڏنيون ويون آھن ان کانسواءِ استادن کي پينشن کان پڻ محروم رکيو ويو آھي رٽائرمنٽ جي عمر کان ھٽي ڪري استادن جي عمر 55 سال ٿيڻ شرط کين نوڪري مان نيڪالي ڏني ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو